سنڌ الاجي ۾ سنڌ لوڪ آرٽ ميلو سنڌي ثقافتي رنگ پکيڙڻ بعد پڄاڻي تي پهتو

ڄامشورو(پ-ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران منعقد ڪرايل ”سنڌ لوڪ آرٽ ميلو“ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي ويو، ميلي جي آخري ڏينهن تي بحث مباحثي جا ڪيترائي سيشن ٿيا، جن ۾ ڳالهائيندي نامور اديبن، ليکن، ڪالم نگارن، شاعرن ۽ صحافين ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ انتها پسندي جو ڪارڻ غربت جي انتها ۽ رياست جي عوام کان مڪمل طور لاتعلقي واري روش کي قرار ڏيندي چيو آهي ته غربت جي چڪي ۾ پيڙهجندڙ ماڻهن کي جيڪڏهن مالي امداد ملندي ته هو دهشتگردي وارو ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي سگهن ٿا، معاشري مان انتهاپسندي واري سوچ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي تعليم کي عام ڪرڻ سان گڏ بيروزگار نوجوانن لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻا پوندا. اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي منعقد ٿيل مختلف سيشنن کي خطاب ڪندي ڪيو. نامور اديب ۽ براڊڪاسٽر نصير مرزا اوطاق هڪ ثقافتي ادارو جي سري هيٺ بحث مباحثي واري پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته اوطاقون ماضي ۾ سکيا ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو مرڪز رهيون آهن، جڏهن ته ڪجهه سالن کان وٺي اوطاقن جو رجحان گهٽجي ويو آهي پر اڄ اسحاق سميجو اوطاق منعقد ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به پنهنجي شاعريءَ ۾ اوطاق جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته ماضي بعيد ۾ به اوطاقون سکيا جو مرڪز رهيون آهن. مشهور ليکڪ انعام شيخ ٽيڪنالاجي جي اثر هيٺ غائب ٿيل لوڪ زندگي جي سري هيٺ ٿيل سيشن ۾ ڳالهائيندي چيو ته تعليمي ادارن کي معاشري جي فلاح لاءَ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ان ڏس ۾ پنهنجو پاڻ ملهائي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي قيادت ۾ ترقي ڪندي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجيز سکڻ ۽ ان تحت زندگي گذارڻ ۾ ڪو حرج ناهي. ڊراماٽسٽ پروفيسر آغا رفيق ساڳئي مباحثي ۾ حصو وٺندي چيو ته سنڌي ٽي وي چينلز تي سنچي ٻولي جو زبردست بگاڙ ٿي رهيو آهي، اخبارن جي ايڊيٽرن، پبلشرن ۽ ٽي وي جي مالڪن کي ان سلسلي ۾ ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽ ٻولي جو بگاڙ روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ترقيءَ بعد اسانکي نوجوان نسل کي پاڻ ئي سماجي رابطن واري ويب سائيٽس جي مثبت استعمال بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي ته جيئن هو شروع کان ئي سوشل ميڊيا جي استعمال کان پاسو ڪري سگهن. ڪالم نگار منوج ڪمار ساڳئي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته ايندڙ ڏهن سالن اندر ٽيڪنالاجي ان حد تائين اڳتي وڌي ويندي جو ملڪ ۾ اڌ آفيسون ختم ٿي وينديون ۽ فاصلا اڌ کان به وڌيڪ گهٽجي ويندا. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي ترقي جو مثبت پهلو استعمال ڪرڻ ۾ ڪو به حرج ناهي. نامور صحافي وسعت الله خان ميڏا سرائيڪي فوڪ جي سري هيٺ سيشن ۾ ڳالهائيندي چيو ته غربت جي انتها، تعليم جي ڪمي ۽ رياست جي ماڻهن کان مڪمل طور لاتعلقي ملڪ خاص طور پنجاب ۾ وڌندڙ دهشتگردي جا ڪار آهن. هن چيو ته پنجاب جي سرائيڪي بيلٽ ۾ غربت گهڻي آهي ۽ حڪومت پاران اتان جي عوام جي خوشحالي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ماڻهو بک وگهي مرڻ بجاءِ جيڪڏهن ڪٿان ڪا مالي مدد ملي ٿي، ته اها حاصل ڪري دهشتگردن ۽ انتهاپسندن جي هٿن ۾ اچي وڃن ٿا. جيڪي اهڙن اٻوجهه نوجوانن کي پنهنجن ناپاڪ مقصدن جي حاصلات لاءِ استعمال ڪن ٿا. وسعت الله خان وڌيڪ چيو ته سنڌي ميڊيا جي روايت ڏيڍ سئو سال پراڻي آهي ۽ سنڌي ميڊيا سرائيڪي ميڊيا کان گهڻو اڳتي ۽ سگهاري آهي. سنڌي ۽ سرائيڪي شاعري جي ڀيٽ ڪندي هن چيو ته سرائيڪي شاعري ۾ رومانوري ۽ مزاحمتي عنصر سنڌي شاعري کان گهٽ ناهي. هن چيو ته سنڌي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز چونڊن بعد ڪراچي ۽ پنجاب جا چونڊيل نمائندا وري لاهور ۾ ويهي رهندا آهن، سرائيڪي بيلٽ جي عوام لاءِ چونڊيل نمائندن ڪڏهن ڪجهه نه ڪيو. هن ان موقعي تي مشهور سرائيڪي شاعر نظير فيض جي رومانوي ۽ مزاحمتي ٻولن تي مشتمل شاعري به پڙهي ٻڌائي.هوڏانهن فنڪار هٿ پروگرام ۾ پيارو شواڻي، غلام حيدر دائود ۽ بين تفصيل سان ڳالهايو. اهڙي طرح سنڌ جي لوڪ ۽ پهاڙن تي اُڪريل آرٽ ۾ روايت ۽ مذهب جو ميلاپ جي سري سان ٿيل پروگرام ۾ مشهور ليکڪ اشتياق انصاري تفصيل سان ڳالهايو، جڏهن ته ڊاڪٽر ڀائي خان شر سيشن جي اوپننگ ڪئي. ميلي جي آخري ڏينهن تي ڪوهستاني دهل جي ٿاپ تي ماڻهن جو رقص به ڏسڻ وٽان هو. ميلي ۾ ڀرت ڀريل ڪپڙن، هٿ جي هنر سان ٺهيل ليڊيز پرسن، مٽيءَ جي ٿانون، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪن جي اسٽالن تي ماڻهن جي رش رهي، جڏهن ته ٻارن جي وندر لاءِ به مختلف اسٽال لڳايا ويا ۽ کاڏ خوراڪ لاءِ به ميترائي اسٽال سجيل هئا. ميلي ۾ سگهڙ ڪچهري پڻ منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي مشهرو سگهڙن ڏور بيت ٻچائي ماڻهن کان خوب داد وصول ڪيو. ان موقعي تي سگهڙن هڪٻئي کي ڳجهارتون پڻ ڏنيون، جيڪي ماڻهن لاءِ لطف اندوز هئڻ جو سبب بڻيا. سنڌالاجي ميلي ۾ شام ٿيندي ئي محفل موسيقي شروع ٿي، جيڪا رات دير تائين جاري رهي. فيسٽيول ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ تي وائيس چانسيلر پروفيسر اڪٽر فتح محمد برفت سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر داڪٽر اسحاق سميجو ۽ سندس ٽيم کي واڌايون ڏنيون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *